سهجوءَ جو دڙو

سهجوءَ جو دڙو: ’سون ٿرڙيءَ‘ جي ڀر ۾ ’مقصودي جي ڪُور‘ کان 3 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ شهداد ڪوٽ شهر کان 23 ڪلوميٽر اتر - اوڀر ۾ ڳوٺ سهجو بروهيءَ جي ماڳ وٽ ڪل 3 دڙا آهن، جن مان 2 دڙا مقام بڻجي ويا آهن، جڏهن ته باقي ٽيون دڙو ڳڙهي خيري تعلقي جي حدن ۾ اچي ويو آهي. هنن ٽنهي دڙن مان ٻه ننڍا دڙا اٽڪل 8 جريب ايراضي والارين ٿا ۽ اٽڪل 6 فوٽ کن اوچا آهن، جڏهن ته انهن مان سڀ کان وڏو دڙو سهجوءَ جو دڙو آهي، جنهن جي اوچائي 25 فوٽن کان به سرس ٿيندي. سهجو بروهيءَ وارو ڳوٺ شهداد ڪوٽ تعلقي جي اتر اڀرندي ڪنڊ وٽ آهي، سهجو جو دڙو پنهنجي نالي واري ڳوٺ جي اوڀر ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي وٿيءَ تي واقع آهي، جتي کوٽائيءَ کان سواءِ دڙي ۾ پوريل شيون ڏسڻ ممڪن نه آهن. هتان سرن جا ٽوٽا، چٽيل ٺڪريون، پٿرن جي اوزارن جا پاساڙا، مٽيءَ جون پڪل چوڙيون، ڪاري رنگ جا ٿانوَ، لوهه جا ٽڪرا، سپيون ۽ ٻيون ڪيتريون نراليون شيون مليون آهن. هيءُ دڙو چڱي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. اندازو آهي ته هن وسنديءَ کي پنهنجي آبادڪاريءَ وقت سکر واهه، بيگاري واهه ۽ مقصودي جي ڪُور مان پاڻي جھجھي مقدار ۾ ملندو هوندو، سکر واهه ۽ بيگاريءَ کي ته ڪن تاريخدانن سنڌو درياهه جا قدرتي ڦاٽ سڏيو آهي، جن کي ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ سنواريو ۽ سڌاريو ويو هو، جڏهن ته مقصودي جي ڪُور، ڪلهوڙا دور جي نامياري جرنيل ميان شاهه بهاري (ولادت: 1665ع، وفات: 1735ع) جي وڏي ڀاءُ مقصودي فقير جي کوٽايل آهي.


لفظ سهجوءَ جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو